احمد خان مريءَ جو مقبرو

احمد خان مريءَ جو مقبرو

احمد خان مريءَ جو مقبرو

احمد خان مريءَ جو مقبرو: هيءُ مقبرو ڪوٽ لالو شهر کان ٻن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڪنب- ڪوٽ لالو باءِ پاس تي تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. مقبري ۾ احمد خان مريءَ جو مدفن آهي، مقبري جي رٿ اعليٰ فن تعمير واري آهي. سڄي عمارت ۾ پڪين سرن جو استعمال ملي ٿو. پيڙهه کان مٿي تائين چونڪي جي سرن جو استعمال ٿيل آهي. اهڙيون سرون اڪثر ڪلهوڙن جي دور سان تعلق رکندڙ عمارتي يادگارن ۾ ڪتب آيون آهن.
مقبرو رٿ ۾ سادو آهي ۽ ونگ سان کليل لنگهه اٿس. مقبري جي چوڌاري کليل ميدان آهي. جتي گهڻي سنڀال نه ٿيڻ سبب هن وقت ڊڀ ڄمي ويا آهن. آس پاس ۾ آباديءَ واري زرعي زمين آهي. مقبري جي حُجري کي چئني طرفن کان ٻاهرين ديوار م نمائشي ڪالم ۽ اندرئين طرف کان نمائشي محراب ٺاهيا ويا آهن. سرن جي اوساري گچ گاري سان ڪئي وئي آهي. ڇت تي سرن جي ڪناري تي ٻيڙ ٻنو ٺاهيل آهي. فقط هڪ پاسي واري ديوار ۾ هوا جي گذر ۽ روشنيءَ جي خيال کان دري ڇڏيل آهي، مهاڙيءَ ۾ ڳڙکيون ڇڏيل آهن، باقي سموري عمارت بند آهي. ڇت تي اٺڪنڊو گنبذ ٺاهي ان تي گول گنبذ رکيل آهي. گنبذ جي تعمير پڻ نهايت ڪاريگريءَ سان ساڳين ئي سرن سان ڪئي وئي آهي. ڳچ ۾ اٺن ئي ڪنڊن ۾ ونگن سان محرابي نموني کليل دريون آهن، جيڪي هن وقت بند ٿيل ڏسجن ٿيون. مقبري ۾ اندر سرن جي بٺين سان ٻڌل ٽي قبرون آهن، جن تي ڪنهن به نالي جو ڪتبو لڳل ناهي. مقبري جي سنڀال نه ٿيڻ ڪري پيڙهه کان سرون ڪلر کائي ويون آهن هتي ماڻهن جي اچ وڃ گهٽ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو